چانڊيو، امير احمد ’امير‘

چانڊيو، امير احمد ’امير‘

چانڊيو امير احمد ’امير‘

چانڊيو، امير احمد ’امير‘: ٻاراڻي ادب جـو اهـم نـالـو ۽ لوڪ ادب جو پارکو حاجي امير احمد ’امير‘ ولد جان محمد چانڊيو، 1935ع ڌاري ڳوٺ شادي خان چانڊيي تعلقي سڪرنڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) هئي. 1971ع ڌاري سڪـرنڊ شـهـر ۾ ’روشن ادب‘ نـالـي هـڪ اشـاعتي ادارو قـائم ڪـري ٻارن لاءِ هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، جنهن پاران ٻارن لاءِ ٻه ماهي ڪتاب ’روشن ادب‘ شايع ڪندو هو، جنهن ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون، شاعري ۽ ٻيو مواد شامل ڪندو هو. امير احمد ’امير‘، ’روشن ادب‘ اداري طرفان ٻاراڻي ادب جا هيٺيان ڪتاب شايع ڪيا:
(1) روشن تارا، (2) گل ڦل، (3) لاکيڻو، (4) ٻهڪندڙ ٻوٽا، (5) مهڪندڙ مکڙيون، (6) سنڌڙيءَ جي سونهن، (7) چمڪندڙ ستارا ۽ (8) سڀئي سڻايون.
هن اداري هڪ وڏي عرصي تائين ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترا نوان ليکڪ پيدا ڪيا.
امير احمد ’امير‘ چانڊيو شاعري به ڪندو هو. نڙ بيت سان خاص لڳاءُ هئس، سندس اوطاق تي هر مهيني نڙ بيتن جي رهاڻ ٿيندي هئي. هن ايشيا ۽ يورپ جا ڪيترا ملڪ گهميا. 13 جنوري 2005ع تي سڪرنڊ ۾ وفات ڪيائين


هن صفحي کي شيئر ڪريو